اسرائيل جاسوسيءَ لاءِ نئين سيٽلائيٽ لانچ ڪري ڇڏي

تل ابيب: اسرائيل هڪ نئين سيٽلائيٽ ڪاميابيءَ سان لانچ ڪري ڇڏي آهڪي.
ٻڌايو ويو آهي ته نگراني ۽ جاسوسي لاءِ تيار ڪيل اها سيٽلائيٽ صبح 4 وڳي رواني ڪئي وئي.
اسرائيلي حڪومت موجب ان پروگرام جو مقصد روايتي مخالف ملڪ ايران تي نظر رکڻ آهي.
اسرائيل جي بچاءَ واري وزير اهڙي اڳڀرائي کي ملڪي خلائي سائنس جي ترقي ۾ وڌيڪ هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيلي رياست جي سيڪيورٽي خاطر ڳجهي ۽ ٽيڪنيڪي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ضروري آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔