ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ايئر لائنز خلاف ڪارروائي جي هدايت

ڪراچي : سول ايوي ايشن اٿارٽي ايئرپورٽ مئنيجرز کي ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ايئر لائنز خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.

ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي سول ايوي ايشن اٿارٽي نوٽيس وٺندي ايئر لائنز کي وارننگ جاري ڪري ڇڏي.

ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل ايئرپورٽ سروسز ايئرپورٽ مئنيجرز کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪجهه ايئر لائنز اڏامن دوران احتياطي اپائن تي عمل نه پيون ڪن.

خط ۾ ايئرپورٽ مئنيجرن کي ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ايئر لائنز خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔