سعودي عرب هلندڙ سال حج بابت نوان قاعدا ۽ ضابطا جاري ڪري ڇڏيا

سعودي عرب هلندڙ سال حج بابت نوان قاعدا ۽ ضابطا جاري ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي مسجدالحرام، منيٰ، ميدان عرفات ،مزدلفه ۽ قيام ۽ طعام بابت آهي

حج جي پانڌيئڙن ۽ حج جي عملي کي ماسڪ ۽ دستانا پائڻ ضروري هوندا ، حاجي سڳورن جي مٿي جا وار ڪُوڙڻ وارا هڪ ٻئي جو سامان استعمال نه ڪري سگهندا

حج پانڌيئڙا نماز دوران هڪ ٻئي کان 2 ميٽرن جو مفاصلو رکندا، رمي جي لاءِ حاجي سڳورن کي پيڪ پيڪ ٿيل پٿريون ڏنيون وينديون

طواف جي لاءِ مطاف وڃڻ وارن کي قافلي جي صورت ۾ وڃڻو پوندو، طواف دوران گهٽ ۾ گهٽ ڏيڍ ميٽر جو مفاصلو رکڻ ضروري هوندي

حج جي نئين قاعدن ۽ قانونن موجب خانه ڪعبه يا حجر اسود کي ڇُهڻ منع هوندو، مسجد الحرام ۾ کائڻ پيئڻ جو شيون آڻڻ منع هوندو، کائڻ پيئڻ جا ٿانو ٻيهر استعمال جوڳا نه هوندا، بسين ۾ حاجين جو تعداد مقرر ٿيل هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔