سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مٽي جو طوفان ۽ برسات ،گرمي جو زور ٽٽي ويو

ڪراچي: سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مٽي جي طوفان ۽ برسات بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو، جڏهن ته مختلف فيڊر ٽرپ ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي علائقن جي بجلي بند ٿي وئي. حيدرآباد، لاڙڪاڻي، قمبر، وارهه، گاجي کهاوڙ، ڄام نواز علي، جوهي، ڪي اين شاهه، شهدادڪوٽ، قبو سعيد خان ۽ ڀرپاسي تيز هوا ۽ مٽي جي طوفان سان گڏ وسڪارو ٿيو. سيوهڻ، ڀٽ شاهه، ٽنڊو ڄام، دادو، نوابشاهه، قاضي احمد، نواب ولي محمد، جمال شاهه، ٺارو شاهه ۽ ٻين شهرن ۾تيز هوا ۽ مٽي جي طوفان بعد گرمي جو زور ٽٽي ويو. برسات بعد حيدرآباد، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص سميت 11 ڪي وي جا 43 ٽرپ ٿي ويا، جنهن سبب نوابشاهه، سانگهڙ، عمرڪوٽ ۽ ٻين علائقن جي بجلي بند ٿي وئي. حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته قاسم آباد ۽ لطيف آباد ۾11 ڪي وي جا 13 فيڊر متاثر ٿيڻ ڪري احتياطن بجلي بند ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔