اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي ڪارروائي ملتوي

اسلام آباد:اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف فرد جرم جي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي، اسلام آباد جي احتساب عدالت آصف زرداري خلاف فرد جرم جي ڪارروائي 14 جولائي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ايندڙ ٻڌڻي تي نيب طرفان آصف زرداري جي درخواستن تي جواب جمع ڪرايو ويندو، آصف زرداري کي وڊيو لنڪ ذريعي پيش ڪيوويو، پارڪ لين ريفرنس ۾ اڄ آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو ٿيڻو هو، ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ بعد عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ايڇ نائيڪ جو چوڻ هو ته آصف زرداري بيمار آهي، هو اڄ به ڪيسز کي منهن ڏئي رهيو آهي، وڊيو لنڪ ذريعي هو پيش ٿيو، آصف زرداري فرار نه پيو ٿئي، اڳتي به ڪيسز کي منهن ڏيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔