ڀارتي حڪومت پاران تاج محل سياحن لاءِ ٻيهر کولڻ جو فيصلو واپس

 

آگره: ڀارت ۾ اڏايل محبت جي علامت سمجهيو ويندڙ تاج محل کي سياحن لاءِ ٻيهر کولڻ جو فيصلو واپس ورتو ويو آهي  

ٽن مهينن جي بندش کانپوءِ تاج محل کي سياحن لاءِ 6 جولاءِ اڄ کان ٻيهر کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو.

تاح محل کي ڪورونا وائرس پکڙجڻ جي سياحن جي لاءِ بند ڪيو ويو هو. حڪومت پاران فيصلو ڪيو ويو هو ته جيڪي سياح تاج محل ڏسڻ ايندا اهي هر وقت لازمي طور تي ماسڪ پائيندا ۽ کين اتي لڳل ماربل کي هٿ لائڻ جي هر گز اجازت نه هوندي.

ميڊيا رپورٽس موجب حڪومتي فيصلي موجب هڪ ڏينهن ۾ رڳو پنج هزار ماڻهو ئي 17 هين صدي ۾ تعمير ٿيل ان محبت جي يادگار جو دورو ڪري سگهندا جڏهن ته ڪورونا وائرس کان اڳ ۾ روزانو لڳ ڀڳ 80 هزار ماڻهو هن تاريخي ماڳ جودورو ڪندا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔