سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامع پاليسي جوڙي وئي آهي: ذلفي بخاري

اسلام آباد : وزيراعظم جي سياحت بابت خاص معاون ذلفي بخاري چيو آهي ته پاڪستان ٽوئرازم  ڊيولپمنٽ ڪارپوريشن بند نه ڪري رهيا آهيون،سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ  جامع پاليسي جوڙي وئي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ذلفي بخاري چيو ته برانڊ پاڪستان جي نالي سان پروگرام لانچ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته  سياحت بابت ٻين ملڪن جيان پاڪستان جو برانڊ  جوڙيو آهي، ڪرونا سبب سياحت جي پاليسي لانچ ڪرڻ ۾ دير ٿي وئي. خاص معاون چيو ته برانڊ پاڪستان جي نالي پروگرام هلندڙ سال کان شروع ڪنداسين،ايران، ترڪي سميت 8 ملڪن جا سياحت جا وزير  پاڪستان ايندا. ذلفي بخاري چيو ته سياحت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ 10 سالن جي پاليسي جوڙي وئي  آهي،هلندڙ سال جي آخر ۾ پاڪستان ۾ سياحت جو پورٽل لانچ ڪنداسين،اسان جو نيشنل اِي پورٽل هوندو،جتي پاڪستان جي حوالي سان سموري بوڪنگ جا تفصيل هوندا، ورلڊ ٽورازم فورم جي پاڪستان 2021 ميزباني ڪندو،پاڪستان اِي ويزا جي سهولت پڻ مرتب ڪئي آهي..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔