وڏي وزير پاران ڪرونا مريضن لاءِ انفيڪشن ڊزيز اسپتال نيپا جو افتتاح

ڪراچي : وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن لاءِ قائم ڪيل انفيڪشن ڊزيز اسپتال نيپا جو افتتاح ڪري ڇڏيو، وڏي وزير چيو آهي ته هي اسپتال 400 بسترن تي ٻڌل آهي، پهرين مرحلي ۾ بلاڪ اي ۽ بي تيار ڪيو ويو آهي، وڏي وزير  اسپتال کي ريسرچ سينٽر جو درجو به ڏنو. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ ڪرونا وائرس جي مريضن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ سبب 400 بسترن تي ٻڌل انفيڪشن ڊزيز اسپتال نيپا جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وڏي وزير چيو ته هي اسپتال 400 بسترن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ وينتي ليترز سميت سمورو سامان ۽ عملو موجود آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪرونا وائرس جي مريضن جي علاج لاءِ اسپتال قائم ڪئي جنهن ۾ ڪرونا جي ٽيسٽ جي سهولت به آهي. وڏي وزير اسپتال کي ريسرچ سينٽر جو درجو به ڏنو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔