ڀارتي فوج جي ٻيهر ايل او سي تي بنا جواز فائرنگ، هڪ نوجوان زخمي

راولپنڊي : ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر  لائين آف ڪنٽرول  تي بنا اشتعال  جي فائرنگ  ڪري ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو. آءِ ايس پي آر  مطابق ڀارتي فوج  بٽل سيڪٽر تي شهري آبادي کي ڳرن هٿيارن سان نشانو بڻايو. پاڪ فوج جي ترجمان مطابق  ڀارتي اشتعال انگيزي سبب 22 سالن جو نوجوان زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڀارتي اشتعال انگيزي تي پاڪ فوج به ڀرپور جوابي ڪارروائي  ڪئي ۽ دشمن جي چوڪين کي نشانو بڻايو. پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي کانپوءِ دشمن جون  بندوقون خاموش ٿي ويون…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔