شهباز شريف جي ڪرونا وائرس جي ٽيسٽ نگيٽو اچي وئي

لاهور : ن ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي ڪرونا وائرس  جي ٽيسٽ نگيٽو اچي وئي. ن ليگ جي ترجمان مريم اورنگزيب مطابق  الله جي فضل سان ن ليگ جي صدر شهباز شريف جي ڪرونا ٽيسٽ نگيٽو اچي وئي. مريم اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڊاڪٽرز شهباز شريف  کي ٽن هفتن تائين اينٽي  باڊيز ٽيسٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي. مريم اورنگزيب جو وڌيڪ چوڻ هو ته اينٽي باڊيز ٽيسٽ جي رزلٽ اچڻ تائين ڊاڪٽرز ان کي سخت احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. خيال رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ شهباز شريف ۽ ان جي گهر واري تهمينا دراني ۾ خطرناڪ وائرس جي سڃاڻپ ٿي هئي، جنهن بعد هو آئسوليشن ۾ هو…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔