موسميات کاتي پاران اڄ رات کان سنڌ ۾ چوماسي جي برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي : موسميات کاتي اڄ رات کان سنڌ ۾ چوماسي جي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي، موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر موجب اڄ رات بدين ٺٽو، ميرپور خاص ۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات جو امڪان آهي. سنڌ ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اڄ رات ڀارتي گجرات کان برسات وسائڻ وارو نظام سنڌ ۾ داخل ٿي ويندو. مومسيات کاتي جي ڊائريڪٽر چيو ته اڄ رات کان بدين، ٺٽو، مير پور خاص ۾ برسات جو امڪان آهي ، جڏهن ته ڪراچي ۾ سڀاڻي رات کان تيز برسات پوندي. موسميات کاتي پاران برسات جي اڳڪٿي باوجود ڪراچي جي برساتي نالن جي صفائي نه ٿي سگهي آهي، ناظم آباد، ۽ ايف بي ايريا  گجر نالي ۾ گند جا ڍير پيل آهن. ڪي ايم سي نالن جي صفائي لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا آهن، جنهن سبب برسات دوران ڪراچي شهر ۾ اربن فلڊ جو خطرو وڌي ويو  آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔