ڪراچي ۾ منگهو پير مان دستي بم هٿ، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ناڪارا بڻائي ڇڏيو

ڪراچي : ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي مان دستي بم هٿ ڪيو ويو، بم ڊسپوزل اسڪواڊ دستي بم کي تحويل ۾ وٺي ناڪارا بڻائي ڇڏيو، بم جي اطلاع تي علائقي واسين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. منگهو پير ۾ بم جي اطلاع تي پوليس ۽ بم ڊسپوزل اسڪواڊ پهچي هڪ خالي گهر مان دستي بم هٿ ڪيو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ بم کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، بي ڊي ايس ٽيم جو چوڻ هو ته دستي بم کي ڪنهن خالي جاءِ تي ناڪارا بڻايو ويندو. بم جي طلاع تي علائقي واسين ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔