سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت کي ناڪام ڪرڻ لاءِ عوام جي قرباني ڏني: حليم عادل

قاضي احمد : پي ٽي آءِ سنڌ جي اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ سرڪار وفاقي حڪومت کي ناڪام ڪرڻ لاءِ صوبي جي ماڻهن جي قرباني ڏني، رڳو لاڪ ڊائون تي زور ڏنو ويو، بيروزگار ٿيندڙن کي ڪجهه به نه ڏنو، وفاقي حڪومت 50 لک پورهيتن کي احساس پروگرام تحت 60 ارب رپيا ڏنا ۽ سنڌ سرڪار رڳو ادارن ۾ ڪرپشن ڪئي. قاضي احمد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ حڪومت پاران پڌري ڪيل جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ پ پ اڳواڻن جا نالا شامل نه هوندا ته اها رپورٽ جعلي هوندي، جيئن انهن جعلي اڪائونٽ ٺاهيا. هن چيو ته ڪرونا عالمي وبا آهي، ان ۾ پي ٽي آءِ حڪومت  سنڌ جي 50 لک غريب پورھيتن کي 60 ارب روپيـا احساس ايمرجنسي ۾ ڪيش ڏنا پر صوبائي سرڪار ڪجهه به نه ڏنو، رڳو ادارن ۾ ڪرپشن ڪئي. حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي اربين روپيا بجيٽ باوجود اسپتالن ۾ دوائون  ناهن، فوت ٿيندڙ ماڻهن لاءِ ايمبولينس نٿي ملي، سنڌ حڪومت رڳو لاڪ ڊائون  تي زور ڏنو، پر غريبن ۽ بيروزگارن کي ڪجهه به نه ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔