پي ٽي آءِ سنڌ ڪي اليڪٽرڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي : پي ٽي آءِ سنڌ ڪي اليڪٽرڪ کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر فردوس شميم نقوي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ وٽ بجلي فراهم ڪرڻ جِي سگهه ناهي، وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي ۾ بجلي لاءِ ڪو ٻيو نظام آندو وڃي، وفاقي سرڪار کي درخواست آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي هڪ هٽي ختم ڪري ڪراچي کي ڪنهن ٻي ڪمپني مان به بجلي فراهم ڪئي وڃي. ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس آڏو ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي ۽ ايم اين اي آفتاب صديقي چيو ته ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. فردوس شميم نقوي چيو ته، ڪي اليڪٽرڪ وٽ بجلي فراهم ڪرڻ جِي سگهه ناهي، وقت اچي ويو آهي ته ڪراچي ۾ بجلي لاءِ ڪو ٻيو نظام آندو وڃي، وفاقي سرڪار کي درخواست آهي ته ڪي اليڪٽرڪ جي هڪ هٽي ختم ڪري ڪراچي کي ڪنهن ٻي ڪمپني مان به بجلي فراهم ڪئي وڃي. آفتاب صديقي چيو ته ڪي اليڪٽر جي ايم ڊي واعدو ڪيو هو ته 28 جون تي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي ويندي پر اڃا تائين اهو واعدو وفا نه ٿي سگهيو آهي. پي ٽي آءِ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز لوڊ شيڊنگ خلاف ڪي اليڪٽرڪ جي آفيس آڏو روزانو 2 ڪلاڪ علامتي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان پڻ ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔