بلوچستان جي ڪوٽا تي نوڪري ڪندڙن جا جعلي ڊوميسائل رد ڪبا: ڄام ڪمال

ڪوئيٽا: بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته بلوچستان جي ڪوٽا تي وفاقي ادارن  ۾ نوڪري ڪندڙن جا جعلي ڊوميسائل رد  ڪيا ويندا.  جاري ڪيل بيان ۾ بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته پهريان ڪنهن به حڪومت جعلي ڊوميسائلز  جي مسئلي کي سنجيندگي سان نه ورتو،پر اسان ان سلسلي ۾ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته بلوچستان جي تاريخ ۾ جعلي ڊوميسائيل رد ڪرڻ جو فيصلو پنهنجي نوعيت جو پهريون قدم آهي،جنهن سان صوبي جي نوجوانن کي روزگار جا موقعا ملندا. وڏي وزير چيو ته ڊي سيز کي جاري ڊوميسائيل جي اسڪروٽني جون هدايتون جاري ڪيون آهن، جنهن جا جلد مثبت نتيجا سامهون اچي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔