ملتان کي ڏکڻ پنجاب جي انتظامي معاملن ۾ نظر انداز نه ڪيو ويندو: شاهه محمود قريشي

ملتان : پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ملتان کي ڏکڻ پنجاب جي انتظامي معاملن ۾ نظر انداز نه ڪيو ويندو،ڏکڻ پنجاب  سيڪريٽريٽ  ملتان مڪمل طور فعال هوندي. ملتان مان جاي ڪيل بيان ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته تحريڪ انصاف جي  منشور مطابق ڏکڻ پنجاب  جي عوام کي انصاف گهر جي در تي ملندو. هن چيو ته ايڊيشنل چيف سيڪريٽري  هفتي ۾ 3 ڏينهن  ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ  ملتان ۾ ويهندو. هن چيو ته ملتان سيڪريٽريٽ جي فعال ٿيڻ سان ڏکڻ پنجاب جي  عوام کي  لاهور تائين وڃڻو نه پوندو ۽ انهن جا ننڍا وڏا مسئلا  آساني سان حل ٿي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔