سيوهڻ ۾ درگاهه قلندر لال شهباز جي سجاده نشين حاجن شاهه لڪياري جي تدفين

حيدرآباد: سيوهڻ ۾ درگاهه قلندر لال شهباز جي سجاده نشين سيد حاجن شاهه لڪياري جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، شيعا علماءَ ڪائونسل 3 ڏينهن سوڳ ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سجاده نشين سيد حاجن شاھ لڪياري جي جنازي نماز درگاهه لال شھباز قلندر جي پراڻي علم پاڪ جي اڱڻ تي ادا ڪئي وئي جنازي نماز شيعا علماءِ ڪائونسل سنڌ جي نائب صدر علامه اسد رضا نعيمي پڙھائي، جنهن ۾ سوين معزز شھرين، ساداتن، مريدن ۽ عقيدتمندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. شعيا علما ڪائونسل سنڌ پاران سجاده نشين سيد حاجن شاهه جي وفات تي 3 ڏينھن سوڳ ملهائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔