ميرپورخاص ۾ ڪرونا وگهي صحت کاتي جي ڊپٽي دائريڪٽر سوڌو 2 ڄڻا فوت

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪرونا وائرس جي مقامي سطح تي پکيڙ جاري آهي، ميرپورخاص ۾ صحت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ هڪ عورت دم ڏئي ڇڏيو، مختلف شهرن ۾ وڏي پئماني تي ڪرونا جا ڪيس پڻ سامهون آيا آهن. ميرپورخاص ۾ صحت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر ظهير احمد ڪرونا وائرس وگهي زندگي جي جنگ هارائي ويو، جنهن بعد ضلعي اندر فوتين جو انگ وڌي 9 ٿي ويو آهي. ان کان اڳ ڪرونا سبب فوت ٿيل ھندو پنچائت جي صدر ۽ واپاري منگھارام جي گھر واري ڪلان ٻائي بھ وبا سبب دم ڏئي ڇڏيو، جنهن کي پڻ ڪرونا جي تصديق ڪئي وئي هئي. ميرپورخاص ضلعي اندر ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 36 ڪيس پڻ سامهون آيا آهن، جنهن بعد متاثرن جو انگ وڌي 655 ٿي ويو آهي. ڄامشوري ضلعي ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 26 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا آهن، جنهن بعد متاثرن جو انگ 671 ٿي ويو. شڪارپور ۾ ڪرونا جا 33 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد متاثرن جو انگ وڌي 867 تي پهچي ويو. قمبر ۾ ڪرونا وائرس جا 40 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، جنهن بعد متاثرن جو انگ وڌي 461 ٿي ويو. مٽياري ضلعي اندر ڪرونا جا وڌيڪ 14 ڪيس رپورٽ ڪيا ويا، جنهن بعد متاثرن جو انگ وڌي 222 ٿي ويو آهي. ڇاڇرَي ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪرونا وائرس جا وڌيڪ 10 ڪيس ظاهر ٿيا آهن، متاثرن جو انگ وڌي 50 ٿي ويو آهي. پني عاقل ۾ ڪرونا جا وڌيڪ 10 ۽ ٺارو شاهه ۾ ٻن ڄڻن کي ڪرونا وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔