سنڌ حڪومت جا اختيار گهٽائڻ جي تجويز ڪڏهن به غور هيٺ ناهي رهي: صدر عارف علوي

اسلام آباد: صدر عارف علوي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جا اختيار گهٽائڻ جي تجويز ڪڏهن به غور هيٺ نه رهي آهي،نيب جو قانون درست آهي،ڪنهن کي شڪايت آهي ته اهو عدالت جو در کڙڪائي. نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي صدر عارف علوي چيو ته 18هين ترميم تي نظرثاني ڪري ان ۾ بهتري آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ اختلاف هلندا رهندا آهن،وسيلن جي ورڇ بابت اختلاف معمول جي ڳالهه آهي. عارف علوي چيو ته صدر طور پنهنجي خلاف ڪيس ۾ ڇوٽ وٺڻ کان انڪار ڪيو،13 سو نيب ڪيسن مان صرف پنجن ڪامورن جي خلاف هئا. هن چيو ته نيب قانون تحت ثبوت پيش ڪرڻ جوابدر جو ڪم هجڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب  ۾ عارف علوي چيو ته پهرين حڪومت آهي، جنهن اسڪينڊلز جي جاچ بعد رپورٽس جاري ڪيون،کنڊ ۽ پيٽرول سميت هر اسڪينڊل  جي ذميدارن کي هٽايو وڃي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ صدر کنڊ اسڪينڊل جي مک ڪردار جهانگير ترين بابت ڳالهائيندي چيو ته هن کي حڪومت پرڏيهه نه موڪليو آهي، هو واپس اچي ويندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ کلي عام ڪرپشن رهي آهي،ڪرپشن جاري رهي ته ادارن جو حال اسٽيل ملز جهڙو ٿيندو،ڪرپشن جي خلاف عمران خان جي جنگ جاري آهي. صدر چيو ته ڪرونا جي صورتحال کي ڏسندي عيد کانپوءِ درسگاهون کولڻ جوفيصلو ڪنداسين، مون ته چاهيو پئي ته ڪرونا سبب سڀ ڪجهه بند ٿي وڃي.  صدر چيو ته شڪر آهي ڪرونا سبب ملڪ اندر ماڻهن جون گهٽ جانيون ضايع ٿيون، عيد الفطر جيان عيد الاضحيٰ لاءِ به  ڪرونا پاليسي جوڙي ورتي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔