ذوالفقار ڀٽو جي جمهوري حڪومت تي راتاهي کي 43 سال مڪمل

ڪراچي : ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ واري غير آئيني عمل کي 43 سال ٿي ويا ، پيپلزپارٽي پاران جمهوريت تي راتاهي خلاف اڄ سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.  اڳوڻي آمر جنرل ضياءَالحق 5 جولاءِ 1977 تي ذوالفقار علي ڀٽو جي چونڊيل حڪومت کي ختم ڪري ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي هئي. ڪاري ڏينهن جي حوالي سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري  ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 5 جولاءِ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪئي. جاري ڪيل بيان ۾ آصف زرداري چيو آهي ته ارڙهين ترميم سان هٿ چراند جو مطلب وفاق تي حملو هوندو. هن چيو ته  پارليامينٽ سپريم ادارو آهي جنهن جو احترام ڪرڻ سمورن ادارن جو فرض آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو تاريخ هٿان مرڻ بدران هڪ آمر هٿان مرڻ کي ترجيح ڏني. بلاول چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نقش قدم تي هلندي جمهوريت تي ڪنهن به صورت ۾ سوديبازي نه ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔