مورَي جو بادشاهه طالب پالاري 118 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

حيدرآباد : سنڌ جو سريلو راڳي ۽ مورَي جو بادشاهه طالب پالاري 118 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، طالب پالاري ڪيتري ئي وقت کان مختلف بيمارين ۾ مبتلا هو، جنازي نماز اڄ ٿاڻي بولا خان ڀرسان ڳوٺ مهندا پالاري ۾ ادا ڪئي ويندي. ڪوهستان مان مورَي کي ڪڍي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائيندڙ طالب پالاري ڊگهي عرصو بيمار رهڻ کانپوءِ 118 ورهين جي ڄمار ۾ ٿاڻي بولا خان ڀرسان ڳوٺ مهندا پالاريءَ ۾ وفات ڪري ويو. سريلو راڳي طالب پالاري ڪيتري ئي وقت کان شگر، بلڊ پريشر ۽ غدود جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو، ثقافت کاتي توڙي سنڌ حڪومت پاران مالڪي نه ڪرڻ سبب گهر اندر بيماريءَ جي بستري تي پيل هو، جتي اڄ سندس ساهه جي تندُ ٽُٽِي وئي. طالب پالاري ڪوهستان جي مشهور راڳ مورَي کي جابلو علائقي مان ڪڍي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو. طالب پالاري جي جنازي نماز سندس اباڻي ڳوٺ مھندا پالاري ۾ اڄ شام ادا ڪرڻ بعد پير باقر شاھ جيلاني جي قبرستان ۾ تدفين ڪئي ويندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔