ڊبليو ايڇ او ڪورونا خلاف هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئين جي آزمائش روڪي ڇڏي

جنيوا: صحت جي عالمي اداري ڪورونا وائرس جو امڪاني علاج سمجهي ويندڙ دوا هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئين جي آزمائش روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. جنيوا ۾ ڊبليو ايڇ او طرفان ٻڌايو ويو ته ڪووڊ 19 جي مريضن تي مليريا جي دوا هائيڊروڪسي ڪلوروڪوئين ۽ ايڇ آءِ وي جي دوائن ”لوپيناوير ۽ ريٽوناوير“ جي آزمائش معطل ڪئي پئي وڃي.
ڊبليو ايڇ او موجب انهن دوائن جي آزمائش جا هيل تائين هاڪاري نتيجا سامهون ناهن آيا ۽ فوتگين ۾ گهٽتائي پڻ ناهي ٿي سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔