جاپان ۾ ٻوڏ سبب 35 ڄڻا فوت

ٽوڪيو : جاپان جي ڏاکڻي حصي ۾ ٻوڏ ۽ مٽيءَ جون ڇِپون ڪرڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 35 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي گم آهن.
ريسڪيو اختيارين موجب هيلي ڪاپٽرن ۽ ٻيڙين جي مدد سان ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي. ٽي وي تي ڏيکاريل فضائي منظرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته رهائشي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن.
ٻوڏ جي خطرناڪ صورتحال کي ڏسندي جاپان جي اولهه ٻيٽ ڪيشو جي اختيارين ٻه لک کان وڌيڪ مقامي رهواسين کي پنهنجا اجها ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔