ڀارت ۾ لاڪ ڊائون دوران گول گپن جي شوقينن لاءِ اي ٽي ايم مشين لڳائي وئي

نئين دهلي: ڪورونا وائرس دوران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ لاڪ ڊائون سبب هوٽلون، گهمڻ ڦرڻ جي جڳهين سميت تقريبن سمورا تفريحي هنڌ بند آهن جڏهن ته روڊن تي جنڪ فوڊ جون ريڙهيون به ناهن.ماڻهو وبا دوران هوٽلن ۽ روڊن تي لڳل ريڙهن جي کاڌي کي تمام گهڻو ياد ڪري رهيا آهن جيڪي حفاظتي قدمن کي نظر ۾ رکندي اڃان تائين بند آهن پر ڪيترائي ماڻهو اهڙي صورتحال ۾ انوکي آئيڊياز تي عمل ڪري رهيا آهن. تازو ئي ڀارت ۾ هڪ اهڙي اي ٽي ايم مشين لڳائي وئي آهي جنهن مان ماڻهو گول گپا ڪڍي سگهن ٿا ۽ ڪورونا وبا دوران به چٽ پٽي گول گپن جو مزو وٺي سگهن ٿا.هن مشين جي ذريعي ڪوبه صارف پئسا وجهي پنهنجا پسنديده گول گپا حاصل ڪري سگهي ٿو. سوشل ميڊيا تي هڪ صارف طرفان هن اي ٽي ايم مشين جي ذريعي گول گپا ڪڍڻ جي وڊيو شيئر ڪئي وئي جيڪا ڏسندي ئي ڏسندي ڪافي وائرل ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔