احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم راجه پرويز اشرف کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف سميت 8 جوابدارن کي پيران غائب رينٽل پاور ريفرنس ۾ آجو قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج محمد بشير پيران غائب رينٽل پاور ريفرنس ۾ بريت جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي راجا پرويز اشرف ۽ شوڪت ترين سميت 8 جوابدارن جي بريت جون درخواستون منظور ڪيون. پيران غائب ريفرنس نيب راولپنڊي طرفان 2014 ۾ داخل ڪيو ويو هو. راجا پرويز اشرف تي پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير هجڻ سبب ڪرپشن ۽ اختيارن جي غلط استعمال جو الزام هو.

192 ميگاواٽ جو رينٽل پاور پلانٽ ملتان جي علائقي پيران غائب ۾ لڳايو ويو هو.  عدالت بريت جي درخواستن تي دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو جيڪو اڄ ٻڌايو ويو آهي. بري ٿيندڙن ۾ راجا پرويز اشرف، اسماعيل قريشي، شاهد رفيق، شوڪت ترين، طاهر بشارت چيمه، محمد سليم عارف، چوڌري عبدالقدير ۽ اقبال علي شاهه شامل آهن. ان کان اڳ احتساب عدالت رينٽل پاور جي ساهيوال ريفرنس ۾ به جوابدارن جي بريت جون درخواستون منظور ڪيون هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔