توشه خانه ريفرنس: اڳوڻي صدر آصف زرداري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد: احتساب عدالت توشه خانه ريفرنس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ 2 اڳوڻن وزيراعظمن نوازشريف ۽ يوسف رضا گيلاني جي خلاف توشه خانه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. آصف زرداري، نوازشريف ۽ يوسف رضا گيلاني تي تحفن ۾ ملندڙ گاڏيون حاصل ڪرڻ جو الزام آهي ۽ احتساب عدالت 15 مئي تي شروعاتي ٻڌڻي تي جوابدارن جا سمن جاري ڪيا هئا. گذريل ٻڌڻي جيان اڄ به نوازشريف، آصف زرداري ۽ يوسف رضا گيلاني پيش نه ٿيا.

ٻڌڻي دوران آصف زرداري طرفان ان جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ پيش ٿيو جنهن عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻي صدر جي استثنيٰ جي درخواست داخل ڪري رکي آهي. وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو آهي ته مان سينئر وڪيل آهيان ۽ عدالت ۾ بيان ڏئي رهيو آهيان ته آصف زرداري ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيندو. ان تي عدالت چيو ته ڪرمنل ڪيس آهي  آصف زرداري کي پيش ته ٿيڻو پوندو ان لاءِ ان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪئي ٿي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔