ڪراچي ۾ سخت گرمي دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ شهرين جون متيون منجهائي ڇڏيون


ڪراچي: ڪراچي ۾ سخت گرمي دوران بجلي جي لوڊشيڊنگ جو سلسلو نه رڪجي سگهيو. رپورٽ موجب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

لياقت آباد، لياري، فيڊرل بي ايريا، گلستان جوهر، شاهه فيصل ڪالوني، ڪياماڙي، گلشن اقبال سميت شهر جي ٻين علائقن ۾ ڪي اليڪٽرڪ طرفان اعلانيه ۽ غير اعلانيه لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي. گرمي جي موسم ۾ بجلي جي بندش سبب شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي جڏهن ته نارٿ ڪراچي، گلستان جوهر، لياقت آباد ۽ ڪياماڙي جي مختلف علائقن ۾ به رات دير  کان بجلي جي فراهمي معطل آهي.

ڪي اليڪٽرڪ طرفان شهر ۾  لوڊشيڊنگ کان ڇوٽ ڏنل علائقن ۾ به ڏينهن ۾ 2 کان 3 ڀيرا هڪ ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب نيشنل گرڊ جي  ڄامشورو گرڊ اسٽيشن ۾ باهه لڳڻ سبب ڪراچي جي بجلي به متاثر ٿي هئي پر هاڻ ڪراچي کي نيشنل گرڊ اسٽيشن کان بجلي جي سپلائي مڪمل طور  تي بحال ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته ڪراچي کي هاڻ 650 ميگاواٽ بجلي ملي رهي آهي. ٻئي طرف ترجمان اين ٽي ڊي سي موجب ڪراچي کي معمول جي سپلاءِ جاري آهي ۽ باهه سبب فرق نه پيو هو. ترجمان ڪي  اليڪٽرڪ موجب گذريل  ڏينهن ڇوٽ وارن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔