پي ايس ايڪس تي حملو ڪندڙن کي ڪراچي کان مدد حاصل هئي:غلام نبي ميمڻ

ڪراچي: ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملو ڪندڙن کي ڪراچي کان مدد حاصل ڪئي ۽ هي حملو ڪنهن هڪ تنظيم طرفان ناهي ڪيو ويو.

خانگي نيوز چينل سان ڳالهيون ڪندي ايڊيشنل آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي کان اڳ ئي خطرو هو جنهن سبب سيڪيورٽي وڌائي وئي هئي. هن چيو ته حملو ڪندڙن کي ڪراچي کان مدد حاصل هئي ۽ هي حملو ڪنهن هڪ تنظيم طرفان ناهي ڪيو ويو.

ڪراچي پوليس چيف چيو ته چيني قونصليٽ  ۽ پي ايس ايڪس تي حملي جو ماسٽر مائنڊ هڪ ئي لڳي ٿو. ٻنهي حملن جون ڪافي شيون هڪ جهڙائي رکن ٿيون.

ايڊيشنل آءِ جي وڌيڪ چيو ته مختلف سليپر سيل سرگرم نظر اچي رهيا آهن. حملي وقت دهشتگردن سان گڏ بيڪ اپ تي ڪوبه موجود نه هو. جڏهن ته حملي آورن کان ملندڙ هٿيار ۽ ايمنونيشن بابت جاچ جاري آهي. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔