پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جو ڪيس داخل

ڪراچي: پاڪستان اسٽاج ايڪسچينج تي حملي جو ڪيس دهشتگردي جي انت واري(سي ٽي ڊي) ٿاڻي ۾ سرڪار جي مدعيت ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي جي ڪيس ۾ دهشتگردي، ايڪسپلوزو ايڪٽ ۽ قتل سميت ٻيا قلم لاڳو ڪيا ويا آهن. ڪيس نامعلوم دهشتگردن جي خلاف داخل ڪيو ويو.

جنهن ۾ جوابدارن کان ملندڙ سمورين مشين گنز جا نمبرز به داخل آهن جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج مان قبضي ۾ ورتل 2 موبائل فون جو  رڪارڊ به هٿ ڪيو ويو آهي.

پوليس موجب قبضي ۾ ورتل موبائل فونن مان هڪ موبائل فون اينڊرائڊ جڏهن ته هڪ سادو موبائل هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔