سڪيورٽي گارڊز پنهنجون حياتيون قربان ڪري دهشتگردن کي روڪيو:آرمي چيف

اسلام آباد : آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي ۾ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار، سڪيورٽي گارڊز ۽ عام شهرين کي سلام پيش ڪيو. آرمي چيف چيو ته سڪيورٽي گارڊز پنهنجي حياتين کي قربان ڪري دهشتگردن کي روڪيو ۽ وقت سر ڪارروائي سان وڏي تباهي کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ترت رد عمل به واکاڻ جوڳو آهي، رينجرز ۽ سنڌ پوليس وقت سر ڪارروائي ڪري مختصر وقت ۾ دهشتگردن جو خاتمو ڪيو. پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته هو بهادر قوم جي سهڪار سان دهشتگردن جي هر ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏيندا، ملڪ ۾ ڊگهي عرصي تائين امن شهيدن جي قربانين سبب ممڪن ٿيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔