قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي گوڙ باوجود وفاقي بجيٽ منظور

اسلام آباد :قومي اسيمبلي جو بجيٽ اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم عمران خان، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا. وزيراعظم عمران خان ايوان ۾آيو ته پي ٽي آءِ ميمبرن ڊيسڪون وڄائي سندس آجيان ڪئي. حڪومت طرفان فنانس بل جي شق 9 جي منظوري ۾ مخالف ڌر کي شڪست ڏني، جنهن جي حمايت ۾ 160 ۽ مخالفت ۾ 119 ووٽ ڏنا ويا، جڏهن ته اپوزيشن جون ترميمون به رد ڪيون ويون. اسپيڪر طرفان بجيٽ جي منظوري لاءِ پهرين آواز ذريعي ووٽنگ ڪرائي وئي، جنهن دوران مخالف ڌر جَي گوڙ تي ميمبرز کي سيٽس تي بيهارَي ٻيهر ووٽنگ ڪرائي وئي ۽ ائين وفاقي سرڪار بجيٽ منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب رهي. بجيٽ جي منظوري بعد منصوبا بندي واري وزير وزير اسد عمر ٽوئيٽ ڪندي چيو ته ڪيترن ئي ڏينهن کان مخالف ڌر جي وڏين دعوائن، ميڊيا تي سنسني پکيڙيندڙ تجزئي جو نتيجو اهو نڪتو ته گذريل سال جي 29 ووٽ جي اڪثريت جي مقابلي ۾ هن سال اها 41 ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔