اپوزيشن ڪجهه به ڪري عمران خان ڪڏهن به استعفيٰ نه ڏيندو:شاهه محمود قريشي

اسلام آباد :پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته مراد سعيد جي تقرير تي اپوزيشن ڀڄي ڇو ويندي آهي؟، اپوزيشن ڪجهه به ڪري عمران خان ڪڏهن به استعفيٰ نه ڏيندو. قومي اسيمبلي ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عمران خان جا ٽائيگرز ويٺا آهن، قوم ٻڌي ته عمران خان هڪ مقصد لاءِ آيو آهي، اسان عمران خان ۽ ان جي نظريي سان گڏ بيٺا آهيون. پرڏيهي وزير مخالفن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته توهان ملڪ لُٽيو، ڪرپشن ڪيو ۽ مني لانڊرنگ ڪيو، ڇا اسان نوٽيس وٺڻ بند ڪيون، ڪڏهن به ائين نه ٿيندو، توهان جي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو نوٽيس وٺندا رهنداسين. هن چيو آهي ته توهان شور مچايو، ڌمڪيون ڏيو يا رستن تي اچو، نظريي جو سودو نه ڪنداسينم ڀلي سئو جتن ڪيو پوءِ به اسان سوداگر ناهيون جو پنهنجي نظريي جي سوداگري ڪيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔