سنڌ جي وڏي وزير پاران صوبي ۾ وفاق لاءِ ٽئڪس اوڳاڙڻ کان انڪار

ڪراچي : هاڻي وفاقي حڪومت لاءِ ٽئڪس اوڳاڙي نه ڪنداسين، سنڌ جي وڏي وزير صوبي ۾ وفاق لاءِ ٽئڪس اوڳاڙڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ايسڪائيز اينڊ ٽئڪسيشن واري وزير کي فيصلي بابت وفاق کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت، سنڌ اسيمبلي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هڪ پاسي صوبائي حڪومت ٽئڪس اوڳاڙي ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي چيو پيو وڃي ته انڪم ٽئڪس جمع ڪرايو وڃي، ڪورونا يا ماڪڙ کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاق مدد ڪري يا نه، سنڌ حڪومت پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم جاري رکندي، صوبي ۾ ماڪڙ جي خاتمي لاءِ 98 ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن، وفاقي حڪومت ماڪڙ مار اسپري لاءِ حرڪت ۾ اچڻ بدران چيو آهي ته جهاز جولاءِ ۾ ايندا، اسپري لاءِ جهاز کان وڌيڪ ٽرئڪٽر ڪم ڪري رهيا آهن، وفاق کي زراعت ۽ خوراڪ جي معاملي تي سنجيده ٿيڻ گهرجي، ڪجهه ماڻهو ترهن ۽ کائين سنڌ جو ٿا، بدنام به سنڌ کي ئي ڪري رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔