ڪرسٽن اسٽيورٽ پنهنجي گرل فرينڊ سان شادي ڪري ڇڏي

لنڊن : هالي ووڊ جي مشهور اداڪارا ڪرسٽن اسٽيورٽ پنهنجي گرل فرينڊ ڊيلن ميئر سان 6 سالن تائين ڊيٽنگ ڪرڻ کان پوءِ شادي ڪري ورتي، پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪرسٽن اسٽيورٽ ۽ ڊيلن ميئر جي پهرين ملاقات 2013 ۾ هڪ فلم جي سيٽ تي ٿي هئي، بعد ۾ 2019 ۾، ڪرسٽن انسٽاگرام تي گرل فرينڊ ڊيلن ميئر سان پنهنجي تعلق جي تصديق ڪئي، ۽ 2 سال بعد، 2021 ۾، ڪرسٽن ۽ ڊيلن باضابطه طور تي پنهنجي منگني جو اعلان ڪيو، منگني جي پوسٽ ۾، ڪرسٽن اسٽيورٽ انڪشاف ڪيو ته “مون ڊيلن کي پرپوز نه ڪيو هو، ڊيلن مون کي پرپوز ڪيو هو، جڏهن ته، جوڙي هاڻي ايسٽر تي لاس اينجلس ۾ پنهنجي گهر ۾ منعقد ٿيل هڪ رسمي تقريب ۾ شادي ڪئي، جنهن جون تصويرون پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن، ڪرسٽن ۽ ڊيلن جي شادي جي تقريب ۾ سندن ويجهن دوستن، آمريڪي اداڪارا ۽ ڳائڻي ايشلي بينسن، برينڊن ڊيوس ۽ سندن خاندانن شرڪت ڪئي،جوڙي تازو ئي عدالت کان شادي جو باضابطه لائسنس حاصل ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔