برازيل ۾ ڪورونا سبب لڳايل پابنديون هٽائڻ جي لاءِ هزارين ماڻهن جو احتجاج

برازيل: برازيل ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کي نظر ۾ رکندي  پابنديون ختم ڪرڻ جي لاءِ هزارين ماڻهن روڊن تي احتجاج ڪيو.

مظاهرين جو چوڻ هو ته اسان کي ڪم تي وڃڻ ڏنو وڃي. رپورٽ موجب برازيل جي وڏي شهر سائو پالو ۾ صدر بولسونارو جي حامين لاڪ ڊائون ۽ ٻين پابندين جي خلاف مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ مطالبو ڪري رهيا هئا ته معاشي سرگرميون بحال ڪيون وڃن. برازيل ۾ دنيا جي ٻئين نمبر تي سڀني کان وڌيڪ 10 لک 86 هزار کان وڌيڪ ماڻهو موذي وائرس سبب متاثر ٿيا آهن ۽ فوت ٿي ويلن جو انگ 50 هزار کان مٿي ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔