انگلينڊ جو دورو پاڪستان جي ٽيم لاءِ سخت امتحان آهي: سهيل سليم

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ اسپورٽس سائنس ڊاڪٽر سهيل سليم چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو انگلينڊ جو دورو سخت امتحان آهي پر ان امتحان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي 28 جون تي خاص جهاز ذريعي  انگلينڊ جي دوري تي وڃڻو آهي ۽ رواني ٿيڻ کان اڳ پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن جي پهرين ڪورونا ٽيسٽ مڪمل ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ٻئي ڪورونا ٽيسٽ 25 جون تي ٿيندي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ اسپورٽس سائنسز ڊاڪٽر سهيل سليم وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي ميڊيا سيشن ۾ بڌايو ته انگلينڊ رواني ٿيڻ کان اڳ رانديگرن ۽ مينجمينٽ جي ميمبرن جي ڪورونا ٽيسٽ جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

هن ٻڌايو ته پهرين ٽيسٽ جا انتظام 4 اسٽيشنن تي ڪيا ويا جنهن  جا نتيجا 24 جون تي ملي ويندا ۽ ان کان پوءِ ئي رانديگرن کي پنهنجي پنهنجي هنڌن تان لاهور گهرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔