ڪولمبو : انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو سپر ايٽ مرحلو اڄ کان شروع ٿيندو.ميگا ايونٽ جي ٻئي مرحلي جو پهريون ميچ پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي وچ ۾ کيڏيو ويندو، جيڪو پاڪستاني وقت مطابق شام 6:30 وڳي شروع ٿيندو.مقابلي جي تياري لاءِ نيوزي لينڊ جي ٽيم ڏينهن دوران ڀرپور مشق ڪئي.پاڪستاني اسپنر عثمان طارق جي بالنگ کي ٽوڙڻ لاءِ، نيوزي لينڊ جي ڪوچنگ اسٽاف بيٽسمين کي پاڪستاني بالر جي ايڪشن ۾ بالنگ ڪرائي.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ٽريننگ سيشن فلڊ لائيٽس هيٺ شيڊول ڪيو ويو هو، پر ڪولمبو ۾ برسات سبب هي ٽريننگ سيشن منسوخ ڪيو ويو.
تبصرے بند ہیں۔