ملڪ ۾ ڪورونا جو زور ختم نه ٿيو، وڌيڪ 89 ڄڻاحياتيون وڃائي ويٺا


اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا وبا وڌيڪ تيزي سان پکڙجڻ سبب 24 ڪلاڪن ۾ 89 ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کان پوءِ فوتين جو گڏيل انگ 3 هزار 590 تائين پهچي ويو آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا مريضن جو انگ هڪ لک 81 هزار 88 ٿي ويو جڏهن ته ڪورونا سبب متاثر 71 هزار 458 مريض صحتياب ٿي ويا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر موجب پنجاب 66 هزار 943، سنڌ ۾ 69 هزار 628 ڪيس،، خيبرپختونخواهه 21 هزار 997 ۽ بلوچستان ۾ 9 هزار 475 ڪيس سامهون آيا آهن. اسلام آباد 10 هزار 912، گلگت بلتستان هڪ هزار 288، آزاد ڪشمير ۾ 845 ڪيس آهن.

سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 89 فوتگيون ٿيون جڏهن ته ڪورونا جا وڌيڪ 4 هزار 471 ڪيس رپورٽ ٿيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔