لاهور جي مقامي عدالت اداڪاره عائشه ثناءَ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا

لاهور: لاهور جي مقامي عدالت جعلي چيڪ جي معاملي تي اداڪاره ۽ ڪمپيئر عائشه ثناءَ جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

ڊفينس بي ٿاڻي لاهور ۾ ميان محمد علي معين 27 مئي تي عائشه ثناءَ جي خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن ۾ الزام هنيو ويو هو ته اداڪاره مون کان 20 لک روپيه اوڌارا ورتا هئا.

واپاري ميان علي معين چيو ته اڌار ورتل پئسا واپس ڪرڻ لاءِ اداڪاره عائشه ثناءَ جيڪو چيڪ ڏنو اهو ڪيش نه ٿيو. ان ڪيس تي مقامي عدالت اداڪاره جا گرفتاري وارا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

پوليس موجب اداڪاره جاچ ۾ شامل ناهي ٿي جنهن تي عدالت سندس گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔