والاريل ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي ظلمن خلاف او آءِ سي جو هنگامي اجلاس اڄ ٿيندو

سري نگر: والاريل ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي ظلمن جي خلاف اسلامي تعاون تنظيم(او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جو هنگامي وڊيو اجلاس اڄ ٿيندو.

اسلامي تعاون تنظيم(او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف العثمين چيو آهي ته اجلاس ڀارتي قابض انتظاميه طرفان ڪشميري نوجوانن جي عدالت کان مٿانهين قتل ۽ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ٻين سنگين ڀڃڪڙين جي حوالي سان طلب ڪيو ويو آهي.

او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري هنگامي وڊيو اجلاس ۾ پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي، آذربائيجان، نائيجيريا، سميت جمون ۽ ڪشمير بابت تنظيم جي رابطه گروپ جي ميمبر ملڪن جا پرڏيهي وزير شرڪت ڪندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔