سنڌ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 14 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون

ڪراچي :سنڌ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 14 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 1464 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ صوبي ۾ متاثرن جو انگ 71 هزار 92 ٿي ويو. وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته ڪراچي ۾ 976، گهوٽڪي ۾ 48، حيدرآباد ۾ 40 ۽ سکر ۾ وڌيڪ 39 ڪورونا جا ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته لاڙڪاڻي ۾ 37، ملير ۾ 32، سانگهڙ ۾ 29، خيرپور ۾ 25، ميرپورخاص ۾ 15، دادو ۾ 13 ۽ نوابشاهه ۾ 8 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. وڏي وزير موجب ٺٽي ۾ 7، شڪارپور ۾ 6، نوشهروفيروز ۾ 6، عمرڪوٽ ۾ 5، قمبر شهدادڪوٽ ۾3، بدين ۽ مٽياري ۾ 2-2 نوان ڪيس ظاهر سامهون آيا آهن. وڏي وزير چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 14 مريض فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ فوت ٿي ويلن جو تعداد هڪ هزار 103 ٿي ويو. وڏي وزير چيو آهي ته هن وقت 32 هزار 945 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 617 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ۽ 111 مريض وينٽي لينٽرز تي آهن. وڏي وزير عوام کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجو خيال رکو، الله پاڪ جي حڪم سان تمام جلد وبا کان جان ڇڏائينداسين..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔