ڪراچي جهاز سانحي جي جاچ رپورٽ ۾ ڪپتان ۽ ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرول حادثي جا ذميوار قرار

ڪراچي :ڪراچي جهاز سانحي جي جاچ رپورٽ ۾ ڪپتان ۽ ايئر ٽرئفڪ ڪنٽرول حادثي جا ذميوار قرار، ذريعن موجب رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته انجِڻ رن وي سان ٽڪرائجڻ جي صورت ۾ جهاز کي فوري طور روڪڻ گهرجي ها، پر ڪپتان پروسيجر تي عملدرآمد نه ڪيو ۽ ضرورت کان وڌيڪ پُراعتماد هو، ايپروچ ٽاور به فريڪوئنسي پاڻ وٽ رکي ۽ ڪنٽرول ٽاور کي سوئيچ اوور نه ڏنو، تنهن ڪري ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر به حادثي جو ذميوار آهي، هوا بازي وارو وفاقي وزير غلام سرور خان اڄ وزيراعظم عمران خان آڏو جهاز سانحي جي جاچ رپورٽ پيش ڪندو، رپورٽ ۾ ڪاڪ پِٽ ۽ وائس رڪارڊر ذريعي حاصل ٿيل ڄاڻ به شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔