غريب عوام کي بک کان به بچائڻ آهي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو ته ماڻهو هن کان نريندر مودي جهڙو لاڪ ڊائون ڪرڻ جي توقع ڪن پيا، پر هن دٻاءُ جي مزاحمت ڪئي ۽ اهڙو لاڪ ڊائون ٿيڻ نه ڏنو، جيڪڏهن صوبا هن کان پڇن ها ته ڪڏهن به اهڙو لاڪ ڊائون ٿيڻ نه ڏي ها. وزيراعظم عمران خان چيو ته لاڪ ڊائون لڳائڻ کان پهرين اهو سوچڻ گهرجي ته لاڪ ڊائون جو ملڪ جي ٻين طبقن تي ڪهڙو اثر پوندو، لاڙڪاڻي ويس ته اتي 20 سيڪڙو ريڙهي وارا هئا، جيڪي سماجي وٿيءَ تي عمل ڪري پئي سگهيا پر افسوس جو انهن کي به ڪم کان روڪيو ويو. هن چيو ته ايندڙ مهينو مشڪل آهي، ٻارن ۽ بزرگن کي محفوظ رکڻ لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، غريب عوام کي بک کان به بچائڻو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا رليف فنڊ سان حقدارن کي رقم ڏني پئي وڃي، مختصر وقت ۾ ايتري وڏي رقم شفاف طريقي سان عوام ۾ ورهائي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔