آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نيول وار ڪاليج لاهور جو دورو ڪيو

لاهور :پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب آ رمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نيول وار ڪاليج لاهور جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب نيول وار ڪالج لاهور پهچڻ تي ريئر ايڊمرل محمد زبير شفيق آرمي چيف جو استقبال ڪيو ، جتي ڪور ڪمانڊر لاهور ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان به موجود هو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڪستان جي جيواسٽريجڪ ماحول، سڪيورٽي چئلينجز ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف چيو ته پاڪ بحريا جي تاريخ بهادري ۽ قربانين سان ڀريل آهي، پاڪ بحريا طاقتور فورس طور هميشه قوم جي اميدن تي پوو لٿي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔