ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ

اسلام آباد: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. موسميات کاتي موجب سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ موسم سخت گرم رهندو جڏهن ته اتر، اوڀر پنجاب، ڪشمير ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ ڪنهن ڪنهن هنڌ تي کنوڻ سان گڏ  برسات جو امڪان آهي.

لاهور ۾ به گرمي جي شدت برقرار آهي جڏهن ته هوا 16 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندي. اربع تي به ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ جڏهن ته سنڌ، ڏکڻ پنجاب ۽ بلوچستان ۾ وڌيڪ گرم رهندو. جڏهن ته رات جو مٿانهين پنجاب، مٿانهين خيبرپختونخواهه، اسلام آباد، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.

گذريل ڏينهن به ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم سخت گرم رهيو جڏهن ته سيالڪوٽ، نارووال ۽ لاهور ۾ برسات پئي. سيالڪوٽ ۾ 21 ملي ميٽر، نارووال ۾ 18 ملي ميٽر۽ لاهور ۾ 5 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ گرمي سنڌ جي علائقي موهن جو دڙو ۾ 47 ڊگري سينٽي گريڊ، دادو ۽ نوڪنڊي ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔