وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو. ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب ڪابينه جو اجلاس وڊيو لنڪ جي ذريعي ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ اهم ملڪي ۽ قومي معاملن تي غور ڪيو ويندو. جڏهن ته ڪورونا وائرس جي صورتحال تي به غور ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينه جي اجلاس جو ست نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا ڪابينه ميمبرن کي موڪليو ويو هيو. وفاقي ڪابينه افغان پناهگيرن جي پاڪستان ۾ رهائش ۾ واڌ جو فيصلو ڪندي ۽ افغان پناهگيرن جي واڌ بابت سيفران جي وزارت ڏانهن سمري موڪلي ويندي.

وفاقي ڪابينه اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) ۽ توانائي تي ڪابينه ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪندي.  جڏهن ته قصر ناز ڪراچي ۽ چمبه هائوس لاهور کي لير تي ڏيڻ جو معاملو به ڪابينه جي ايجنڊا ۾ شامل هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔