پشاور ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي، چار دهستگرد مارجي ويا

پشاور:پوليس جي دهشتگردي ٽوڙ اداري (سي ٽي ڊي) ڪامياب ڪارروائي ڪندي 4 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

سي ٽي ڊي عملدارن موجب دهشتگردن علائقي غازي آباد جي هڪ گهر ۾ لڪل هئا جنهن جو اطلاع ملڻ تي ڇاپو هنيو ويو.

عملدارن جو چوڻ آهي ته گهر تي ڇاپي دوران دهشتگردن سي ٽي ڊي اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي جنهن بعد فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 4 دهستگرد مارجي ويا.

سي ڊي ٽي عملدارن ٻڌايو آهي ته دهشتگردن وٽان 4 ڪلانشنڪوف، ،6 دستي بم ۽ ڪيترائي ڪارتوس هٿ ڪيا ويا آهن.

خيبرپختونخواهه جي آءِ جي ثناءَالله عباسي جو چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون، عوام جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو ۽ پوليس دهشتگردن خلاف اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔