ڪراچي: ايم پي اي صداقت حسين جي گهر ٻاهران فائرنگ، ڀاءُ ۽ ڀيڻيوو زخمي

ڪراچي: ڪراچي اورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ اسيمبلي جي ميمبرصداقت حسين جي گهر ٻاهران فائرنگ سبب سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻيوو زخمي ٿي پيا.

ايم ڪيو ايم  پاڪستان جي ترجمان موجب اورنگي ٽائون ۾ سنڌ اسيمبلي ميمبر صداقت حسين جي گهر جي ٻاهران فائرنگ  ڪئي وئي ۽ ايم پي اي ان وقت پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀيڻيوي سان گڏ گهر جي ٻاهر ويٺل هو. ترجمان ٻڌايو ته فائرنگ سبب صوبائي اسيمبلي جي ميمبر جو ڀيڻيوو ۽ ڀاءُ زخمي ٿي پيا جنهن کي طبي امداد جي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جنهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. ايس ايس پي ويسٽ موجب صوبائي اسيمبلي ميمبر  ڪيترن ئي ڏينهن کان سيڪيورٽي گهري رهيو هو. واردات جي جيو فينسنگ ڪرائي رهيا آهيون جلد خبر پئجي ويندي ته جوابدار ڪير هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔