ڪورونا تيزي سان پکڙجي رهيو آهي دنيا هاڻ خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي: ڊبليو ايڇ او

جنيوا: صحت جي عالمي اداري(ڊبليو ايڇ او) دنيا کي خبردار ڪيو آهي ته ڪورونا وائرس هاڻ تيزي سان پکڙجي رهيو آهي ۽ دنيا هڪ نئين ۽ خطرناڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.

ڊبليو ايڇ او جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر ٽيڊروس ادهانوم پنهنجي بيان ۾ چيو ته صرف 18 جون تي ڪورونا وائرس جا ڏيڍ لک نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان اڌ آمريڪا مان هئا. جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۽ وچ اوڀر ۾ به ڪيسن جي انگ ۾ روزاني واڌ ٿي رهي آهي.

ڊاڪٽر ٽيڊروس ادهانوم چيو ته ماڻهو گهرن ۾ ويهي بيزار ٿي ويا آهن ۽  مختلف ملڪ چاهين ٿا ته معاشرو ۽ معيشت کوليون پر اهو ياد رکو ته موذي وائرس  هن وقت به تيزي سان پکڙجي رهيو آهي. صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته اهوئي سبب آهي ته سماجي وٿي جي ضرورت آهي.

وبا سبب  فوت ٿي ويلن جو انگ 4 لک 60 هزار ٿي چڪو آهي جڏهن ته 87 لک ماڻهو هينئر تائين بيمار ٿي چڪا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔