سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 35 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس وڌيڪ 35 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، 2 هزار 190 نوان ڪيس ظاهر، صوبي ۾ هيل تائين فوت ٿيلن جو انگ هڪ هزار 48 ٿي ويو، متاثرن جو انگ 67 هزار 353 ٿي ويو، وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جا انگ اکر جاري ڪندي چيو آهي ته رڳو ڪراچي ۾ 1315 مريض سامهون آيا، خيرپور ۾ 123، حيدرآباد ۾ 111، گهوٽڪي ۾ 79، سکر ۾ 76، ميرپورخاص ۾ 33، لاڙڪاڻي ۾ 31، نوشهروفيروز ۾ 30، دادو ۾ 28، سانگهڙ ۾ 16، شهيد بينظير آباد ۾ 12، ڪشمور ۾ 11، ڄامشورو ۾ 8، بدين ۽ عمرڪوٽ ۾ 6-6 ڪيس سامهون آيا، سجاول ۽ ٽنڊو الهيار ۾ 5-5، جيڪب آباد ۾ 3، ٺٽو ۾ 2، مٽياري ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو، عوام کي اپيل آهي ته ايس او پيز تي عمل ڪري، ڪيس ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن، ماڻهو وڏي انگ ۾ فوت ٿي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔